ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ جمعي تي ڊالر 280 رپيا 77 پئسا في رپيو تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سومر تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ معمولي اضافو ڏٺو ويو آهي.انٽر بئنڪ ڪاروبار دوران ڊالر 23 پئسا مهانگو ٿي ويو، هڪ ڊالر جي قيمت 281 رپيا ٿي وئي.










