لاهور (م ڊ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري قانوني عمل آهي، جيڪڏهن عدالت حڪم ڏيندي ته ان کي پورو ڪنداسين.آءِ جي پنجاب جو چوڻ هو ته عمران خان کي اڳوڻي وزيراعظم جي پروٽوڪول کان وڌيڪ سڪيورٽي ڏني پئي وڃي، جڏهن هو هاءِ ڪورٽ پهتو ته سڪيورٽي جا وڏا انتظام ڪيا ويا هئا.هن چيو ته عدالت جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پوليس ڪنهن وٽ وڃي ٿي، ان ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ اسلام آباد پوليس سان جيڪو ٿيو ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي.آءِ جي پنجاب چيو ته عمران خان جي گرفتاري قانوني عمل آهي، جيڪڏهن عدالت حڪم ڏئي ته پورو ڪنداسين.پنجاب پوليس جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ دهشتگردن جا خطرا آهن، اسان جي پاليسي آهي ته انهن خطرن کي ختم ڪيو وڃي.










