ڪراچي جي آبادي ڪنهن به ريت 4 ڪروڙ کان گهٽ ناهي: فاروق ستار

ڪراچي جي آبادي ڪنهن به ريت 4 ڪروڙ کان گهٽ ناهي: فاروق ستار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي جي آبادي ڪنهن به صورت ۾ 40 ڪروڙ کان گهٽ ناهي، جيڪڏهن شهر جي آبادي 40 ڪروڙ کان گهٽ ڳڻجي ته قبول نه ڪنداسين.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ڪالهه خالد مقبول صديقي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ آدمشماري بابت پنهنجا خدشا سامهون رکيا.فاروق ستار چيو ته اسان ڪراچي ۾ جيڪي 16 هزار بلاڪ ٺاهيا آهن انهن کي رد ڪريون ٿا، ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار بلاڪ ٺهڻ گهرجن.هن چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهو جيڪو هتي کائي ٿو ۽ ڪمائي ٿو ان جو شمار به ڪراچي ۾ ئي ٿيڻ گهرجي.فاروق ستار چيو ته آدمشماري جو اصل مرحلو پهرين مارچ کان شروع ٿي چڪو آهي، سموريون سياسي پارٽيون پوري پاڪستاني قوم کي آگاهه ڪن.فاروق ستار چيو ته شڪايتون مليون آهن ته ڳڻپ ڪندڙن کي چيو پيو وڃي ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي ڳڻپ نه ڪئي وڃي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ ڪنهن به سياسي پارٽي مردم شماري ۾ دلچسپي نه ڏيکاري.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ چيو ته سموريون پارٽيون چونڊون وڙهڻ لاءِ سرگرم آهن، بدقسمتي سان ڪا به سياسي جماعت مردم شماري ۾ سرگرم ناهي.فاروق ستار اهو به چيو ته پيپلز پارٽي جو آدمشماري سان ڪو به تعلق ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو