96 ڍور هڪ سال ۾ 2 ڪروڙ جو چارو کائي ويا

96 ڍور هڪ سال ۾ 2 ڪروڙ جو چارو کائي ويا

ٽنڊو ڄام (ن سنڌيار) جانورن جي ويڪيسن تيار ڪندڙ يونٽ جي سال 19-2018ع جي آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته تقريبن 17 لک جي ماليت جا 96 ڍور ٻن سالن ۾ 2 ڪروڙ جو چارو کائي ويا آهن. ٽنڊي ڄام ۾ چوپائي مال جي ويڪيسن تيار ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل قائم يونٽ تجربي لاءِ رکيل چوپائي مال کي مهانگو چارو کارائڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ويڪسين يونٽ ۾ رکيل 96 ڍور جن ۾ 7 مينهون، 13 ڍڳيون، 45 رڍون ۽ 35 ٻڪريون شامل آهن، تن کي هڪ سال دوران ٻن ڪروڙن جو چارو کارايو ويو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب قومي ناڻي کي نقصان رسايو ويو آهي، آڊٽ رپورٽ جي پيراز موجب لاڳاپيل کاتي کان ان معاملي بابت وضاحت گهري وئي هئي پر ڪنهن به قسم جو جواب نه ڏنو ويو، پيراز ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته هن معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ويڪيسن يونٽ جو پنهنجو گاهه پوکيل آهي ۽ ان هوندي به ٻه ڪروڙ جي لاڳت جو چارو 96 ڍور کائي ويا آهن، آڊٽ رپورٽ ۾ نئون ڄاول ٻِهاڻ يعني گهوڙي جو ٻچو مري چڪو آهي، ٻڪريون ۽ رڍون هر ڇهين مهيني ويامن ٿيون، جن جا ڦر به موجود ناهن، ايترو چارو کائيندڙ 96 ڍورن جو کير ڪيڏانهن ويو ان جو به جواب ناهي ڏنو ويو. ويڪسين يونٽ ۾ موجود 45 رڍن جي اُن لاهي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مليل ڄاڻ موجب ويڪيسن يونٽ ۾ موجود رڍن جا وار وڏا ٿيڻ تي اُن لاٿي ويندي آهي، جيڪا گرم ڪپڙو تيار ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿي، اُن رڍن تان لاهي، وڪرو ڪئي ويندي آهي، ان حوالي سان ويڪيسن يونٽ ۾ موجود عملي ٻڌايو ته گرمين جي ڪري هي ڪٽائي ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا ضروري هوند آهي، باقي هي کل ناهي وار ٿين ٿا، ماهرن موجب هي ڪپهه کان به مهانگي اگهه ۾ وڪامي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو