لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ اسد عمر، شيخ امتياز ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 11 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي جج منظر علي گل ڪئي.اعظم سواتي، اسد عمر ۽ مسرت چيما ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش ٿيا.جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي، عدالت دليلن لاءِ پراسيڪيوشن جي رڪارڊ ۽ وڪيلن کي طلب ڪيو.










