9 مئي سانحي جي ٻيهر جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

9 مئي سانحي جي ٻيهر جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

لاهور (ويب ڊيسڪ)9 مئي تي پنجاب جي گهرو کاتي جناح هائوس ۽ ٻين حساس عمارتن کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻيهر جاچ لاءِ هڪ ٻي جي آءِ ٽي جوڙي هئي.پنج رڪني جي آءِ ٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن عمران ڪشور ڪندو.نوٽيفڪيشن موجب نئين جي آءِ ٽي ميمبرن ۾ ايس پي انويسٽيگيشن سٽي ڊويزن ڊاڪٽر رضا تنوير، ايس پي اي وي ايل ايس لاهور رانا زاهد پرويز، اي ايس پي تيمور خان ۽ انچارج انويسٽيگيشن پوليس اسٽيشن فيڪٽري ايريا انسپيڪٽر سرور شامل آهن.جلائو گهارو ڪيس ۾ قتل، قتل جي ڪوشش ۽ دهشتگرديءَ جا ٻيا قلم شامل آهن، نئين جي آءِ ٽي ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو