لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ 9 مئي سانحي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شيخ رشيد جي بريت واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس مرزا وقاص رئوف ۽ جسٽس سرفراز ڊوگر اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.عدالت چيو ته اڃان ترائيل ئي شروع ناهي ٿيو ته بريت جي درخواست ڪيئن اچي وئي؟ ٽرائل شروع ٿيڻ ٿيون، گواهن جا بيان سامهون ايندا پوءِ خبر پوندي ته بريت بڻجي ٿي يا نه؟ عدالت چيو ته گواهن جي بيانن کان پوءِ ٻيهر اها درخواست ڏئي سگهجي ٿي.










