9 مئي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

9 مئي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 9 مئي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 9 مئي تي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ خلاف داخل اپيلن تي 10 مارچ کان ٻڌڻي ڪندي.چيف جسٽس کان علاوه جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس ميان گل حسن بينچ جو حصو هوندا. 9 مئي تي جوابدار جي ضمانت رد ڪرڻ خلاف 16 اپيلن تي ٻڌڻي 11 مارچ تي ٿيندي، جڏهن ته بينچ 9 مئي تي جوابدار جي ضمانت رد ڪرڻ خلاف 8 اپيلن تي به 12 مارچ تي ٻڌڻي ڪندي.ياد رهي ته پنجاب حڪومت 9 مئي تي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو