راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽن اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 22 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ ناديا خٽڪ، عاليا حمزه ۽ جاويد ڪوثر پنهنجن وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. عبوري ضمانت جي درخواست تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج امجد علي شاهه ٻڌڻي ڪئي.ناديا خٽڪ خلاف 2، جاويد ڪوثر خلاف 3 ۽ عاليا حمزه خلاف 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جوابدارن تي روڊ بلاڪ ڪرڻ، شور مچائڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ حڪومت ۾ مداخلت ڪرڻ جا الزام آهن.










