9 مئي سانحو: جي آءِ ٽي عمران خان کي جمعي تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي آءِ ٽي 9 مئي تي جناح حائوس تي حملو ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جمعي تي طلب ڪري ورتو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي سمورن نامزد ڪيسن ۾ طلب ڪيو ويو آهي ۽ عمران خان کي جي آءِ ٽي چوٿون ڀيرو طلب ڪيو آهي.پوليس موجب عمران خان جي آءِ ٽي آڏو صرف هڪ ڀيرو پيش ٿيو آهي جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف شڪايت داخل ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو