9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ فائرنگ جو ڪيس واپس وٺڻ جي منظوري

9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ فائرنگ جو ڪيس واپس وٺڻ جي منظوري

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ڪابينه 9 مئي 2023 تي ڀڃ ڊاهه ۽ فائرنگ جو ڪيس واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.مردان ۾ 9 مئي تي ٿيل ڀڃ ڊاهه جو ڪيس واپس ورتو ويندو. 9 مئي بابت خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت جي دور ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. 9 مئي جا گڏيل طور تي 29 ڪيس عدالت مان ختم ٿي ويا آهن. 9 مئي جو مذڪوره ڪيس به نگران دور ۾ داخل ڪيو ويو هو.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي، حڪومتي مشينري جو وقت ضايع ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته 9 مئي 2023 تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو هو.انهي دوران لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ 9 مئي تي مسلم ليگ(ن) جي آفيس کي باهه ڏيڻ کان علاوه فوجي، سول ۽ نجي ٺڪاڻن کي باهيون ڏنيون ويون هيون. سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي سخت نقصان پهچايو ويو جڏهن ته انهي دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ۽ 290 زخمي ٿي پيا هئا.مظاهرين لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي رهائشگاهه تي به حملو ڪيو هو جنهن کي جناح هائوس به چيو ويندو آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ واقع جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو) جو هڪ گيٽ به ڀڃي ڇڏيو هو. انهي کان پوءِ ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان جهيڙي، ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءُ ۾ ملوث 1900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته عمران خان ۽ انهي جي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو