9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير يوم پاڪستان جي حوالي سان پوليس لائن اسلام آباد جو دورو ڪيو،آرمي چيف اسلام آباد پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ پوليس شهيدن جي خاندانن کي به خطاب ڪيو آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي،شهيدن جي يادگار جي بي حرمتي ڪندڙ ۽ سندن وقار کي مجروح ڪرڻ وارن کي قوم نه معاف ڪندي ۽ نه ئي وساريندي، اهڙي عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو،جن شهيدن کي الله تعاليٰ ابدي زندگي عطا فرمائي آهي، انهن جي قربانين کي ڪير به رائج نٿو ڪري سگهي،پاڪستان جي فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت ۽ سيسه پلائيندڙ ديوار وانگر آهن، جيڪي ملڪ جي وقار لاءِ ڪنهن به قرباني کان دريغ نه ڪندا.آئون شهيدن جي وارثن کي اهو پيغام پهچائڻ چاهيان ٿو ته اڄ به پاڪستان جي عوام ۽ پاڪ فوج سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺي آهي ۽ رهندي.پوليس لائن پهچڻ تي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس اسلام آباد ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان آرمي چيف جو استقبال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو