اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 9 هين التوا واري جائزي جي پڄاڻي کان 48 ڪلاڪ اڳ آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين کي مالياتي ۽ اقتصادي پاليسين بابت ياداشت (ايم اي ايف پي) فراهم نه ڪيو آهي.هي اهو دستاويز آهي جنهن تي اسٽاف سطح جو معاهدو ٻڌل هوندو. اڱاري جي رات تائين آءِ ايم ايف پاڪستاني ڳالهين ڪندڙن کي ايم اي ايف پي فراهم نه ڪيو هو.جڏهن ته، ناڻي واري وزارت جا سينيئر آفيسر پراميد آهن ته آءِ ايم ايف سان عملي سطح جو معاهدو 9 فيبروري جي آخري تاريخ کان اڳ پهچي ويندو.جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته، نظرثاني جي ڳالهين کي وڌائڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. آءِ ايم ايف کي پرڏيهي ملڪن مان رقم جي آمد تي واقعي ڳڻتي آهي ۽ هن وقت اداري کي دوست ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب، چين کان تصديق جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان ۾ ڊالر جي آمد جاري رهي جنهن سان پرڏيهي مٽاسٽا اطمينان بخش سطح تي رهي سگهي. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ رڳو ٽي ارب ڊالر آهن جيڪي هفتي ۽ مهيني جي بنياد تي گهٽجي رهيا آهن. پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 6 بلين ڊالرن کان مٿي نه وڌڻ جو امڪان آهي يا 8 بلين ڊالرن کان مٿي نه وڃڻ جو امڪان آهي. اهو ڏسڻو آهي ته آءِ ايم ايف ايم اي ايف پي دستاويز ۾ ڪيترو اضافو ڪري ٿو.
