اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ حڪومتي اتحادين 9 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادين جو وڊيو لنڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 3 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ نگران سيٽ اپ، نئين آدمشماري ۽ اسيمبلين کي ٽوڙڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن اڳواڻن 9 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.ذريعن موجب اتحادين مردم شماري جي معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي کي مڃڻ تي به اتفاق ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم نگران وزيراعظم جي نالي تي وڌيڪ مشاورت لاءِ وقت گهريو جڏهن ته وزيراعظم نگران وزيراعظم بابت اتحادين کان اڄ رات تائين تجويزون طلب ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو صلاحون ڏيڻ چاهين اهي اڄ رات تائين رابطو ڪري سگهن ٿا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ محسن داوڙ نگران وزيراعظم لاءِ ٻه نالا به تجويز ڪيا، جڏهن ته اسلم ڀوتاڻي بلوچستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اڳوڻي بيوروڪريٽ جو نالو تجويز ڪيو پر بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل ۽ مولانا فضل الرحمان ڪنهن جي نالي جي تجويز نه ڏني. ذريعن موجب اختر مينگل شڪايت ڪئي ته وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي اڃا تائين اسان سان رابطو ناهي ڪيو، جڏهن ته بلاول ڀٽو جلد قانون سازي تي خدشن جو اظهار ڪيو.
