اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان سميت دنيا جي 8 مسلمان ملڪن صدر ٽرمپ جي 20 نڪاتي غزه جنگبندي واري معاهدي تي حماس جي مثبت رد عمل جي ڀليڪار ڪئي آهي. آچر تي پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فلسطينين جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ حماس پاران ڳالهين لاءِ آمادگي سان جنگبندي جي اميد پيدا ٿي آهي. گذريل جمعي تي، حماس چيو هو ته هو ٽرمپ جي منصوبي جي ڪجهه شرطـُن تي راضي آهي ۽ ڪجهه معاملن تي هو ڳالهين لاءِ تيار آهي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي بيان موجب: “ھاشمي بادشاھت اردن، متحدہ عرب امارات، انڊونيشيا، اسلامي جمهوريه پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن اڄ حماس پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه جنگ ختم ڪرڻ، سڀ قيدين (جيئرا يا فوت ٿيل) جي آزادي، ۽ نفاذ جي طريقه ڪار بابت ڳالهين جي شروعات بابت کنيل قدمن جي ڀليڪار ڪئي آهي.” پرڏيهي وزيرن ٽرمپ جي ان سڏ جو به ڀليڪار ڪيو، جنهن ۾ هن اسرائيل کي فوري طور غزه تي بمباري بند ڪرڻ ۽ قيدين، يرغمالين جي مٽاسٽا معاهدي تي عمل شروع ڪرڻ جو چيو هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته “انهن ٽرمپ جي علائقائي امن لاءِ واعدي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهڙيون اڳڀرائيون جامع ۽ پائيدار جنگبندي حاصل ڪرڻ جو حقيقي موقعو آهن، جيئن غزه جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کي منهن ڏئي سگهجي،” پرڏيهي کاتي موجب، وزيرن حماس پاران غزه جي انتظام کي ”آزاد ٽيڪنوڪريٽس تي ٻڌل عبوري فلسطيني انتظامي ڪميٽي“ حوالي ڪرڻ جي تياري جي اعلان جو به ڀليڪار ڪيو. انهن تي زور ڏنو ته منصوبي جي نفاذ بابت ڳالهين جو عمل فوري طور شروع ڪيو وڃي ۽ ان جا سڀ پهلو حل ڪيا وڃن. بيان موجب: “پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل واعدي کي ورجايو ته هو منصوبي جي نفاذ لاءِ ڪوششن جي حمايت ڪندا، جيئن غزه ۾ جنگ جو فوري خاتمو، انساني امداد جي بي رڪاوٽ فراهمي، فلسطيني عوام جي بيدخلي نه ٿيڻ، شهرين جي سلامتي کي خطرو پيدا ڪندڙ ڪنهن قدم کان پاسو ڪرڻ، قيدين جي آزادي، فلسطين اٿارٽي جي غزه ۾ واپسي، غزه ۽ اولهه ڪناري جي ٻيهر اتحاد، ۽ اهڙي سيڪيورٽي نظام جي قيام لاءِ ڪم ٿيندو جيڪو سڀني ڌرين جي حفاظت يقيني بڻائي، اسرائيلي فوجي انخلا، غزه جي ٻيهر تعمير ۽ ٻن رياستن جي بنياد تي منصفانه امن جي راهه کولي.”
غزه تي حملو ۽ ٽرمپ جو منصوبو
اسرائيلي جارحيت آڪٽوبر 2023 ۾ حماس جي اسرائيل ۾ حملي کان پوءِ شروع ٿي. ان وقت کان وٺي 66,000 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد، هزارين زخمي ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن. گذريل مهيني، گڏيل قومن جي جاچ ڪندڙن چيو هو ته اسرائيل “فلسطيني قوم کي ختم ڪرڻ” لاءِ نسلڪشي ڪري رهيو آهي، ۽ اسرائيلي وزيراعظم ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي “اشتعال انگيزي” جو ذميوار قرار ڏنو هو.










