چونڊ نتيجا رد ڪرڻ واري درخواست خارج، پٽيشنر تي 5 لک ڏنڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل 3 رڪني بينچ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار شهر علي خان چونڊ ڌانڌلي جي جاچ ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي پر عدالت درخواستگذار جي پيش نه ٿيڻ سبب درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ درخواستگذار جي پيش نه ٿيڻ تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو