8 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جي ملزم کي ٽي ڀيرا ڦاسي جي سزا

نوشھروفيروز)رپورٽ مشتاق حسين مري) فرسٽ ايڊيشنل سيشن اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت نينگري سان زيادتي ڪرڻ بعد قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار اصغر علي ڪمبوه کي ٽي ڀيرا ڦاهي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فريادي مشتاق علي ڪمبوھ محرابپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدار اصغرعلي ڪمبوھ منهنجي نياڻي 8 سالا نمرا کي اغوا ڪري قاضي نثار جي ٽيوب ويل ۾ زيادتي ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد کين ڀرواري کوھ ۾ اڇلائي ڇڏيو. عدالت فريادي جي وڪيل سردار اڪبر علي اڄڻ جا دليل ٻڌڻ ۽ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار اصغر علي ڪمبوھ کي ٽي ڀيرا ڦاهي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو