ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اميرجماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته 75 سال گذري وڃڻ باوجود چيف جسٽس جي هٿ ۾ اڄ به انگريز جو ڪتاب ۽ ملڪ ۾ سامراجي نظام قائم آهي، وياج کي حرام ۽ الله ۽ رسول صه سان سڌو سنئون جنگ قرار ڏنو ويو آهي، پر ان باوجود حڪمران ٽولو الله جي حڪمن جي خلاف ورزي ۽ وياج واري نظام کي جاري رکڻ تي ضد ٻڌيو بيٺو آهي.مهانگائي، بيروزگاري سميت برساتون ۽ قدرتي آفتون ان جو ئي نتيجو آهن، جماعت اسلامي الله جي ڌرتيءَ تي الله جو نظام نافذ ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهي.هر ويندڙ انسان پويان رهجي ويل ماڻهن کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته هر فرد کي هڪ ڏينهن موت جو مزو چکڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيٺارجه خيرپور ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو جي والد جي لعل محمد سهتو جي وفات تي تعزيت ۽ جنازي نماز پڙهائڻ کان اڳم ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا حزب الله جکرو سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. سراج الحق وڌيڪ چيو ته زندگي تمام مختصر آهي اسان سڀني کي هڪ ڏينهن ڌڻي تعالى آڏو حاضر ٿيڻو آهي، مرحوم پنهنجي سموري حياتي الله جي دين لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ پنهنجي اولاد کي به ان ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو، جنت بزدلن ۽ بيغيرتن لاءِ ناهي، اسان سڀني کي الله جي ڌرتيءَ مٿان الله جو نظام نافذ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ کپي، اسان جو ووٽ ۽ سپورٽ به الله جي نظام لاءِ هجڻ گهرجي.










