ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انگلينڊ پاڪستان کي 70 سالن ۾ پهريون ڀيرو گهر ۾ ٽيسٽ سيريز ۾ ٽن صفر تان وائيٽ واش ڪيو.پاڪستان پهريون ڀيرو گهر ۾ لڳاتار چار ٽيسٽ ميچون هارائي، انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ پاڪستان لاهور ۾ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ۾ به هارائي چڪو آهي.ان کان اڳ پاڪستان 1960ع ۾ گهر تي ٽيسٽ سيريز ٻه صفر تان هارايو هو.انگلش ڪرڪيٽ ٽيم 167 رنسن جو هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ٽيم کي ڪامياب بڻائي ڇڏيو. انگلينڊ طرفان بين ڊڪٽٽ 82 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 35 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان طرفان ڏنل 167 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ انگلينڊ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 112 رنسون ٺاهيون.پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ 216 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان بابر اعظم 54 ۽ سعود شڪيل 53 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته انگلينڊ جي ريحان احمد اننگز ۾ 5 ۽ ميچ ۾ 7 وڪيٽون ورتيون.پاڪستان طرفان ڏنل 167 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ انگلش بيٽسمينن شاندار بيٽنگ ڪئي پر ٽئين ڏينهن ميچ مڪمل نه ڪري سگهي.










