7 اهم ٽيڪنالاجيز ۾ نوجوانن جي تربيت جو معاهدو

7 اهم ٽيڪنالاجيز ۾ نوجوانن جي تربيت جو معاهدو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي صوبائي کاتي پاران سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سان پنهنجي پروگرام ”انفارميشن ٽيڪنالاجي انڊسٽريز: ريڊينيس بوٽ ڪيمپ“ تي عملدرآمد لاءِ معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت سنڌ جي وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ تنزيلا ام حبيبه جي موجودگي ۾ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري آصف اڪرام ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ معاهدي تي صحيحون ڪيون. ڄاڻايل پروگرام جو مقصد 1500 نوجوان گريجوئيٽس/ ان برابر تعليم وارن کي جديد آئي ٽي صنعت جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ آهي، ته جيئن هو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تجربيڪار پروفيشنلس جي کوٽ کي پورو ڪن. ٽريننگ ۾ 7 اهم ترين ٽيڪنالاجيون شامل آهن، جن ۾ MERN اسٽيڪ ڊولپمينٽ، ويب انجنيئرنگ، ڪلائوڊ سوليوشن آرڪيٽيڪچر، موبائل ايپ ڊولپمينٽ، SQA، Python ۽ ڊيٽا سائنسز سان گڏ گيمنگ ۽ اينيميشن پڻ شامل آهي. هي پروگرام ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ خيرپور ۾ شروع ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير جي انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اسپيشل اسسٽنٽ تنزيلا ام حبيبه چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ جديد لاڙن کان آگاهه ڪرڻ سندس اوليتن ۾ شامل آهي ته جيئن صوبي جا نوجوان مقابلي ۾ دنيا کان پوئتي نه رهن. هن چيو ته سندس کاتو صوبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. تنزيلا ام حبيبه چيو ته هن وقت به سنڌ جي آئي ٽي شعبي ۾ عورتن جي شموليت تمام گهٽ آهي، انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو کاتو ان خال کي ڀرڻ لاءِ پڻ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي. هن زور ڏنو ته حڪومت ۽ خانگي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آءِ ٽي شعبي ۾ ريسرچ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ جديد ريسرچ ليبارٽريون قائم ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي روشنيءَ ۾ آءِ ٽي شعبي کي سنڌ جي ٽاپ 5 صنعتن جي سطح تي آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي کاتي جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو