7.2 ارب چيني يوآن پانڊا بانڊ پروگرام قائم ڪيو،محمد اورنگزيب

7.2 ارب چيني يوآن پانڊا بانڊ پروگرام قائم ڪيو،محمد اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب موجب، پاڪستان 7.2 ارب چيني يوآن جي ماليت جو پانڊا بانڊ پروگرام قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ شروعاتي مرحلي ۾ 1.75 ارب چيني يوآن جي ماليت جا بانڊ جاري ڪيا ويا آهن.وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو ته چين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي مڪمل حمايت ڪئي آهي.محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نفاذ سان معيشت تي اعتماد مضبوط ٿيو آهي. پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي آهي ۽ افراط زر گهٽجي ويو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا بهتر ٿيا آهن، برآمدات ۽ ترسيل ۾ اضافو ٿيو آهي.وفاقي وزير خزانه چيو ته بانڊ مان حاصل ٿيندڙ آمدني پاڻي، توانائي ۽ صحت جي منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي، جنهن سان پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويندو.محمد اورنگزيب چيو ته پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مالي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو