اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شازي مري چيو آهي ته 600 مالي سهولتڪارن ۾ 3 ارب ڊالر جي ورڇ ميگا اسڪينڊل آهن جمعي تي عمران دور ۾ سهولتڪارن ۾ 3 ارب ڊالر جي ورڇ تي شازيع مري چيو ته عمران نيازي جي ڪري ملڪ جي معيشت ۾ سونامي آيو عمران نيازي ملڪ جو اهو حشر ڪيو جيڪو پاڳل ڍڳو شيشي جي گهر جو ڪندو آهي شازيه مري چيو ته عمران نيازي جي ڦرلٽ جي ڪري اڄ حڪومت هڪ ارب ڊالر لاءِ آئي ايم ايف سان رجوع ڪري رهي آهي وفاقي وزير چيو ته هڪ نائلاڪ لاڏلي کي ملڪ تي مڙهيو ويو جنهن هر رخ تي تباهي مچائي 15-15 ارب رپين جوانٽرسٽ فري قرض ڏنو ويو ڇا ان جي پيءُ جو پئسو هو هن چيو ته معيشت کي تباهه ڪري ملڪ کي بدحال ڪرڻ عمران نيازي جو ايجندا رهيو آهي شازيه مري چيو ته عمران نيازي کان اهي 3 ارب ڊالر ريڪور ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪيا وڃن.










