اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شماريات واري اداري جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 3.68 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.شماريات بيورو وڏين صنعتن جي ڊسمبر 2022ع جي پيداواري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ڊسمبر 2022ع ۾ نومبر جي ڀيٽ ۾ صنعتن جي پيداوار ۾ 12.38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.شماريات جي بيورو جو چوڻ آهي ته صنعتي پيداوار ۾ ڊسمبر دوران سالياني بنياد تي 3.51 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته آٽو موبائيل شعبي جي پيداوار ۾ جولاءِ کان ڊسمبر 2022ع تائين 30.23 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.جولاءِ کان ڊسمبر تائين ٽيڪسٽائيل شعبي جي پيداوار ۾ 13.06 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جولاءِ کان ڊسمبر تائين ڪاٺ جي شين جي پيداوار ۾ 66.01 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.لوهه ۽ اسٽيل جي شين جي پيداوار ۾ جولاءِ-ڊسمبر دوران 2.13 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته پيپر ۽ بورڊ جي پيداوار ۾ 6 مهينن جي عرصي دوران 2.81 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.شماريات واري اداري موجب 6 مهينن دوران ڪيميڪل شعبي جي پيداوار ۾ 1.13 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، دواسازي جي پيداوار ۾ جولاءِ کان ڊسمبر تائين 21.56 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.جولاءِ کان ڊسمبر تائين تمباکو جي شعبي جي پيداوار ۾ 23.51 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي، جڏهن ته مشينري ۽ سامان جي شعبي ۾ 47.85 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽيٽسٽڪس جي رپورٽ موجب جولاءِ کان ڊسمبر تائين چمڙي جي شين جي پيداوار ۾ 5.71 سيڪڙو، ڪپڙن جي پيداوار ۾ 46.61 سيڪڙو ۽ فرنيچر جي پيداوار ۾ 105.49 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊسمبر ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي پيداوار ۾ 21.24 سيڪڙو، آٽو موبائيل انڊسٽري ۾ 36.22 سيڪڙو ۽ مشينري ۽ سامان جي شعبي ۾ 77.86 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.ڊسمبر ۾ ئي لوهه ۽ اسٽيل جي صنعت ۾ 0.2 سيڪڙو واڌ ٿي، ڪاٺ جي شين جي پيداوار ۾ 74.21 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته مشروبات جي پيداوار ۾ 12.45 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي.شماريات بيورو موجب ڊسمبر ۾ فوڊ سيڪٽر جي پيداوار ۾ 11.05 سيڪڙو، تمباکو جي شين جي پيداوار ۾ 28.83 سيڪڙو، پيپر بورڊ جي پيداوار ۾ 1.46 سيڪڙو، فرنيچر جي پيداوار ۾ 182.35 سيڪڙو، جڏهن ته لباس جي پيداوار ۾ 182.35 سيڪڙو اضافو ٿيو










