اسلام آباد (اياز مهر) 6 مهينن تائين قانون نه ٺهيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه رٽائر تصور ڪيو ويندو. ان صورت ۾ وزيراعظم جي مشوري تي صدر نئون آرمي چيف مقرر ڪندو. سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري ڪيس تي لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. 43 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن ڪيس ۾ بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت قانون جي آهي يا فردن جي؟ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان ڪيس پهريون ڀيرو عدليه ۾ آيو، اسان جي اڳيان ڪيس آيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي يا نه. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جنرل جي رينڪ جي فوجي آفيسر لاءِ قانون ۾ رٽائرمينٽ ۽ ملازمت جي مُدي جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي، ادارتي پريڪٽس تحت هڪ جنرل ٽن سالن جي مُدي واري ملازمت پوري ٿيڻ تي رٽائر ٿي ويندو آهي، ادارتي پريڪٽس قانون جو اثرائتو متبادل نٿي ٿي سگهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي هي معاملو چونڊيل نمائندن حوالي آهي ته اهي اِن حوالي سان قانونسازي ڪن، 6 مهينن جي عرصي ۾ قانونسازي نه ٿي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه رٽائر ٿي ويندو . هي معاملو پارليامينٽ حوالي ڪرڻ جو مقصد آهي ته مستقبل ۾ غلطيون نه ٿين. وزيراعظم کي آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ جو اختيار ناهي ۽ 3 سالن جي واڌ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. عدالت چيو آهي ته ادارا مضبوط هوندا ته قوم ترقي ڪندي.
