سکر:(ن س) سرڪٽ هائوس ۾ مهر جتوئي خوني جرڳي جي فتوي جاري ڪئي وئي. جرڳي جي فتوي سردار علي گوهر خان مهر ۽ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي جي نگراني ۾ ٻڌائي وئي. جاري ڪيل فتويٰ موجب في خون جي بها 25 لک روپيا مقرر ڪئي وئي جتوئي برادري جي حملي ۾ مارجي ويل مهر برادري جي گهوٽ جو عيوضو 45 لک رکيو ويو، ڌرين جا مجموعي 60 خون ۽ 92 زخمي ثابت ٿيا، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 18 ڪروڙ 51 لک 16 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو جرڳي ۾ مهرن جا 33 خون ۽ 55 زخمي ثابت، جتوئين جا 27 خون ۽ 37 زخمي ثابت ٿيا، جتوئي ڌر مٿان مجموعي طور خونن ۽ زخمين جو 9 ڪروڙ 68 لک 16 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو، مهرن جي ڌر مٿان مجموعي طور 8 ڪروڙ 83 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته سکر ۽ شڪارپور ۾ مارجي ويل هڪ جتوئي۽ هڪ مهر برادري جي ماڻهو بابت ڌرين تي ساک رکي وئي، ڦر ٿيل سامان جي واپسي ۽ نقصان ٿيل سامانن جي ڪاٿي بابت ايم اين اي شهريار مهر ۽ اڳوڻي ايم پي اي مير عابد جتوئي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 40 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويندو جڏهن ته فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوليس جي جي آءِ ٽي قائم ڪئي ويندي، پوليس هٿان مارجي ويل جتوئي برادري جي ٽن ڄڻن بابت ڊي آءِ جي سکر جي اڳواڻي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي ويندي فيصلي جي فتوي دوران ٻنھي ڌرين جا سردار ۽ چڱا مڙس به سرڪٽ هائوس ۾ موجود هئا جن ۾ سردار غوث بخش خان مھر، سردار مير عابد حسين جتوئي، سردار محمد ابراھيم جتوئي، ڪريم ڏنو بڊاڻي، ۽ ٻيا پڻ فيصلي ۾ شامل هئا.










