ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي حساس ادارن جي مدد سان ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي هڪ نامياري هيڪر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار تي دنيا جي 50 لک (5 ملين) غيرملڪي شهرين جو بئنڪ ڊيٽا ۽ مالي معلومات هيڪ ڪرڻ جو سنگين الزام آهي. جوابدار وٽان اهم شواهد هٿ ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ گرفتار ين جو امڪان آهي.










