اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايف بي آر جي اختيارن جو ٻيهر جائزو ورتو ويو آهي ۽ 50 ملين رپين تائين جي ڪيسن ۾ عدالتي وارنٽ کان سواءِ گرفتاريون ممڪن نه هونديون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ بحث جي اختتام تي ناڻي واري وزير چيو ته 75 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن کي ٽيڪس کان مستثنيٰ آهي، 10 ملين رپين کان وڌيڪ جي پينشن تي ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ذاتي رهائش تي 15 سالن تائين ڪو به ود هولڊنگ ٽيڪس نه هوندو، جڏهن ته سرڪاري سيڪيورٽيز ۾ سيڙپڪاري تي 20 سيڪڙو ٽيڪس هوندو. محمد اورنگزيب چيو ته هو پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي بار کان واقف آهي، تنهن ڪري هن 6 لک کان 12 لک جي وچ ۾ آمدني تي ٽيڪس کي گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي ڪامرس تي ٽيڪس جي تجويز ڏني آهي، اي ڪامرس کي آسان نظام ڏانهن منتقل ڪيو آهي، انهن تي ٽيڪس محدود هوندو، گريجوئيٽي تي ڪو به ٽيڪس نه هوندو، جڏهن ته خانگي ڪاروبار وڌيڪ قرض حاصل ڪري سگهندا. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جي اختيارن جو ٻيهر جائزو ورتو ويو آهي. 50 ملين رپين تائين جي ڪيسن ۾ عدالتي وارنٽ کانسواءِ گرفتاريون نه ٿينديون. گرفتاري آفيسر جي بدران ٽي رڪني ايف بي آر ڪميٽي ڪندي. هن چيو ته ڪاروباري ماحول بهتر ٿي رهيو آهي، صنعتي پاليسي جلد شروع ڪئي ويندي، حڪومت هڪ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، حڪومت مالي خرچ گهٽ ڪيا آهن، ۽ صرف انهن ڊيمن تي ڪم ڪيو ويندو جيڪي اڳ ۾ ئي منظور ٿي چڪا آهن.










