5 مهينا قيد رهندڙ حليم عادل  شيخ عدالتي حڪم تي آزاد

5 مهينا قيد رهندڙ حليم عادل شيخ عدالتي حڪم تي آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ کي رليز آرڊر کانپوءِ سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو. حليم عادل شيخ مجموعي طور تي 5 مهينن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو، سندس آزادي جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪن سينٽرل جيل ٻاهران موجود هئا. پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان موجب حليم عادل شيخ تي مجموعي طور 40 ڪيس هئا، سڀني ڪيسن ۾ کيس ضمانت تي آزاد ملي چڪي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ تي زمينن تي قبضي، 9 مئي حملن ۽ پوليس تي حملي جا الزام آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو