ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پوري صوبي ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب 4420484 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن. ڪپهه، چانورن ۽ سبزين جا قيمتي فصل متاثر ٿيا آهن. جنهن سان ايڪسپورٽ ۾ تمام وڏو نقصان ٿيندو ۽ مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ جو به خدشو آهي. هن چيو ته کجيءَ جو سوسيڪڙو فصل متاثر ٿيو آهي، جيڪڏهن پاڻي جي صورتحال ايندڙ هڪ مهيني تائين ايئن ئي رهي ته انب ۽ ٻيا باغ شديد متاثر ٿيندا. ھن چيو تہ هڪ انب جي وڻ کي ڦل ڏيڻ ۾ 8 سالن جو عرصو درڪار هوندو آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ قوم کي سڀ کان وڌيڪ يڪجهتي جي ضرورت آهي. صوبائي وزير، سرندي وارن ، اين جي اوز ۽ سنڌ حڪومت ۾ رابطن جي ضرورت تي زور ڀريندي اپيل ڪئي ته مخير حضرات ۽ غيرسرڪاري تنظيمون هر متاثر ڪٽنب تائين امداد پهچائڻ جي لاءِ پي ڊي ايم اي سان رابطن ۾ رهن ته جيئن ٻهراڙي جي علائقن ۾ اندر ڦاٿل ٻوڏ سٽيل ماڻهن تائين امداد پهچي سگهي. ايئن نه ٿئي ته صرف روڊن تي ويٺل متاثرن کي هر هر امدادي سامان ملي. هن چيو ته پي ڊي ايم اي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ فون نمبر 02135381810 ۽ موبائل نمبر 03355557362 تي رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ضلعي انتظاميا سان ڪورآرڊينيشن سان امدادي سامان پهچائيندڙن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان تمام ٿورڙا ماڻهو ايمرجنسي صورتحال جو فائدو وٺي امدادي سامان جي قافلن کان سامان ڦرڻ ۾ ملوث آهن. هن ٻڌايو ته 559 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 21891 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. 1465941 گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان 556120 مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. جڏهن ته باقي جزوي طور متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي گھر رهائش جي قابل ناهن رهيا جن ۾ ڏار پئجي چڪا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 1675817 خاندانن جا 9788969 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 6278007 ماڻهن کي ريليف ڪئمپن۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جتي هنن کي معياري پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون ميسر ڪيون پيون وڃن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جا ٻه وڏا اثاثا آهن، جن مان فصل تباهه ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٻيو اثاثو چوپايو مال آهي. حاليه برساتن جي تباهڪارين جي ڪري 103066 چوپايو مال مري چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چوپائي مال کي بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ويڪسينيشن جي شروعات پڻ ڪري ڇڏي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته متاثر ٿيل علائقن ۾ ماڻهن جون زندگيون بچايون وڃن ، جنھن لاء ريسڪيو۽ ريليف آپريشن جاري آهي. ٻئي مرحلي ۾ متاثرن جي مڪمل بحالي جو آغاز ڪيو ويندو. ڪجهه ماڻهو سرڪاري اسڪولن ۽ خيما بستين ۾ قائم ڪيل رليف ڪيمپن ۾ منتقل ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان آرمي، پاڪستان نيوي ۽ سنڌ پوليس به ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جي ميمبرن ، سنڌ ڪابينا ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪارن ۽ معاونين خاص کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ رهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته امدادي ڪمن ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ٿئي. هن چيو ته اسان جي عوام سان ڪميٽمينٽ آهي ته جيستائين متاثرن جي مڪمل بحالي نه ٿيندي تيستائين سڪون سان نه ويهندا سين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن تي غلط الزام لڳايا ويا آهن ته هن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ مشينون لڳائي پاڻي ڳوٺ طرف موڙيو. هن چيو ته هن جي علائقي ۾پاڻي ڪڍڻ جو رستو ئي ناهي. اسانجي مخالف جماعت جي ڪائونسلر اميدوار ڪوڙي ويڊيو وائرل ڪئي. هن چيو ته ان خلاف ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم سيل ۾ درخواست ڏني آهي ۽ ڪوڙي خبر هلائڻ تي ٽي وي چينل کي به قانوني نوٽس ڏنو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نقصان جا انگ اکر حتمي ناهن ڪيترائي علائقا آهن جتي پهچي ناهيون سگهيا هي صرف اندازا لڳايا پيا وڃن.










