اسلام آباد)بيورو رپورٽ) حڪومت 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس 4 ڊسمبر تي طلب ڪيو آهي.11 هين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس وفاقي وزير خزانه سينيٽر اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيندو، جنهن ۾ چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ۽ نجي ميمبر شرڪت ڪندا.ايجنڊا موجب، وفاقي سيڪريٽري مرڪزي حڪومت جي مالي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو، جڏهن ته صوبن جا نمائندا هر هڪ کي 10 منٽن لاءِ پنهنجي مالي حيثيت تي بريفنگ ڏيندا.ناڻي واري وزارت چيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ تي فيصلو ڪرڻ لاءِ ايندڙ اجلاسن جي شيڊول ۽ ٽائم لائنز جو فيصلو 4 ڊسمبر جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.










