4 ساله  عمراني تباهي مداخلت جو نتيجو هئي: حافظ حمدالله

4 ساله عمراني تباهي مداخلت جو نتيجو هئي: حافظ حمدالله

اسلام آباد)بيورو)پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته گذريل 4 سالن کان ملڪي تباهي ۽ سياسي عدم استحڪام مداخلت جو نتيجو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سياست ۾ مداخلت چاهي نرم هجي يا گرم، هميشه رياست لاءِ تباهي جو اوزار ثابت ٿي آهي.حافظ حمدالله چيو ته رياست ۽ معاشي استحڪام چئن عنصرن ۾ مضمر آهي، آئين جي بالادستي، قانون جي بالادستي، جمهوريت جي بالادستي ۽ پارليامينٽ جي بالادستي.هن چيو ته آئين سڀني کان بالاتر آهي، پارليامينٽ آئين جي خالق آهي، چاهي اها عدالت هجي يا جج، جنرل هجي يا ڪو ٻيو ادارو آئين کان مٿانهون ناهي.حافظ حمدالله جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آئين آڏو سرنگهه ۽ پارليامينٽ آڏو سڀني جو احتساب آهي.هن اهو به چيو آهي ته پي ڊي ايم جو واحد نعرو آئين ۽ پارليامينٽ جو احترام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو