4 سالن کان ملڪ ۾ نفرتن جا ٻج پوکيا ويا، هرادري کي تباهه ڪيو ويو

4 سالن کان ملڪ ۾ نفرتن جا ٻج پوکيا ويا، هرادري کي تباهه ڪيو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور حڪومت ۾ سمورا ادارا تباهه ڪيا، چئن سالن ۾ ملڪ ۾ نفرتن جا ٻج پوکيا ويا.لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نوجوانن کي هاڪاري ميڊيا جي ضرورت آهي. ريڊيو ۽ ٻيو ماس ميڊيا قومي ورثو آهي ۽ وقت جي سخت ضرورت آهي، اسڪرين ٽورزم ذريعي پاڪستان جي مثبت روايتن کي اجاگر ڪيو ويندو.وفاقي وزير چيو ته سئنيما گهرن جو مقصد نوجوانن کي سستي تفريح فراهم ڪرڻ آهي. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سئنيما ۽ ٿيٽر ٺاهيا ويندا. نئين پاليسي تحت فلم سازي جي شعبي ۾ نوجوانن کي موقعا ملندا. هن چيو ته هڪ مخصوص گروهه سوشل ميڊيا ذريعي ملڪ ۾ نفرت پکيڙي رهيو آهي، گذريل 30 سالن ۾ سئنيما گهر پيٽرول پمپ بڻجي ويا آهن. نوجوانن لاءِ ڊجيٽل براڊ ڪاسٽنگ ٽريننگ ليب ناهي، ڊجيٽل براڊ ڪاسٽنگ ٽريننگ ليب قائم ڪئي وئي آهي.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته علائقائي ٽيلينٽ کي دنيا آڏو آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.عوام کي سستي تفريح فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،فلم انڊسٽري کي بحال ڪرڻ لاءِ حڪومت نئين فلم پاليسي جوڙي آهي.مريم اورنگزيب چيو ته ايندڙ وقت پاڪستان ۽ عوام کي ڳنڍڻ جو وقت آهي، اهڙا قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن 9 مئي وارو سانحو ٻيهر نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو