4 ٻارن جو موت، ڊاڪٽر گرفتار نه ٿيو، راڄوڻي جي ڪوشش،احتجاج

ٺل(عبدالنبي شيخ) اسرار ميڊيڪل سينٽر ۾ آڪسيجن ختم ٿين سبب 4 تازن ڄاول ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻارڙن جي ڪيس جو مکيه جوابدار ڊاڪٽر اسرار احمد نوناري قانون جي گرفت کان آجو بڻيل،  اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل هئڻ جي باوجود پوليس ڊاڪٽر اسرار نوناري کي گرفتار نه ڪري سگهي،جڏهن ته ڊاڪٽر جي اسپتال بدستور سيل آهي،ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد غضنفر علي قادري پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي جي سربراهه اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل سميع الله سنجراڻي پاران جاچ کي اڳتي وڌائيندي ڳوٺ خان محمد سرڪي ۾ پهچي فوتي ٻارڙي جي والد گل حسن سرڪي ۽ ڳوٺ پيارو کوسو پهچي ٻئي فوتي ٻارڙي جي والد هادي بخش جمالي کان تفصيل ورتا،ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته ڊي سي جيڪب آباد جي حڪم موجب جاچ ڪري رپورٽ اماڻي ويندي،غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر جي اسپتال سيل ٿيل آهي باقي ڪاروائي لاڳاپيل ادارا ڪندا. هن ٻڌايو ته چار فوتي ٻارڙن مان هڪ جي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرايو ويو ۽ ٻيا به ڪيس داخل ڪرايا ويندا ، ٻن فوتي ٻارڙن جي وارثن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا آهن ۽ ڳوٺ ٻچڙو ۾ بلاول رند ۽ ڳوٺ بگن بنگلاڻي جي رهواسي ميانداد بنگلاڻي وٽ پهچي تفصيل ورتا ويندا،هن ٻڌايو ته خانگي ڊاڪٽر جي غفلت سبب ٻار فوت ٿيا آهن. ٻئي طرف غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر اسرار احمد نوناري پاران فوتين جي وارثن ڏانهن ميڙمنٿ جو سلسلو جاري آهي، با اثرن جي معرفت ڊاڪٽر پاران فوتي ٻارڙن جي وارثن ڏانهن ميڙ موڪلي راڄوڻي ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو پيو وڃي، رابطي ڪرڻ تي ڊي ايڇ او جيڪب آباد محمد اسماعيل ماڪو ٻڌايو ته اسان چار ٻارن جي فوت ٿيڻ جي حوالي سان هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي ليٽر لکي ڇڏيو آهي،تمام جلد ڊاڪٽر جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،پوليس موجب ڊاڪٽر جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، تمام جلد ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويندو،ٻئي طرف خانگي اسپتال ۾ آڪسيجن نه هئڻ جي ڪري چار ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي خلاف ڪالهه قومي عوامي تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ٺل پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن اعجاز ڪنراڻي،قربان بلوچ،نظير احمد ٽالپر،رحيم بخش کوسو،منصب بکراڻي،ارشاد ڪنراڻي ۽ ٻين چيو ته انتهائي دردناڪ واقعو ٿيو آھي ڊاڪٽر بااثرن جي سپورٽ سان ٻارڙن جي وارثن سان راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءٌ وجهي رهيو آهي،هنن مطالبو ڪيو ته خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن ليگل رائيٽس ڪميشن جي ٽيم پاران فوتي ٻارڙن جي وارثن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا آهن،ليگل رائيٽس ڪميشن جي ٽيم جي اڳواڻن قربان علي اوڍاڻو،ناصر علي شاهه،سجاد حسين سومرو پاران فوتي ٻارڙن جي والدين گل حسن سرڪي سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو