4 جعلي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اي آر او ز گرفتار

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 244 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 116 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 35 دار الارقم اسڪول زيڊ 5 تي ڌانڌلي جو سلسلو جاري هو ته پيپلز پارٽي جو قومي اسيمبليءَ لاءِ نامزد اميدوار عبدالبارڪ واقعي واري هنڌ پهتو ۽ 4 پرائيويٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. ڪوڙي عملي وٽ گهربل سرڪاري دستاويز نه هئا، اي آر او. ايس پي ويسٽ ۽ ايس پي انيل حيدر پولنگ اسٽيشن تي پهچي معاملي جو جائزو ورتو ۽ هڪ سياسي پارٽي سان تعلق رکندڙ چئن پرائيويٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو