راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پيپلز پارٽي لاءِ 36 ڪروڙ روپين ۾ ڪراچي جي ميئر جو سودو مهانگو نه آهي.شيخ رشيد ٽوئيٽ ڪيو ته 36 ڪروڙ روپين ۾ ڪراچي جي ميئر جو سودو پ پ لاءِ مهانگو نه آهي. مون هفتو اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته دبئي ۾ خريد ۽ وڪرو جي منڊي لڳي وئي آهي.شيخ رشيد چيو ته حافظ نعيم کي ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي جو ميئر بنجڻ نه ڏنو ڏيندو. حافظ نعيم کي خريد ۽ وڪرو جي سياست ۾ شڪست ملي آهي، عوام ۾ نه.هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي کي هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ضمير وڪرو ڪندڙن ۽ چونڊيل نمائندن کي خريد ڪندڙن کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي. مون کي اميد آهي ته جماعت اسلامي معمول موجب عوام سان گڏ هوندي، ضمير جي سوداگرن سان نه.










