36 رڪني ڪابينا فائنل، صدر جو حلف کان انڪار، تقريب ملتوي

36 رڪني ڪابينا فائنل، صدر جو حلف کان انڪار، تقريب ملتوي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) 36 رڪني وفاقي ڪابينا کي اڄ رات 8.30 وڳي حلف کڻڻو هو پر صدر عارف علوي کين حلف کڻائڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب هاني حلف برداري هڪ ٻن ڏينهن بعد ٿيدي ۽ ڪابينا کي حلف چيئرمين صادق سنجراڻي کڻائيندو. ياد رهي ته ميان شهباز شريف جي بطور وزيراعظم حلف وقت به ايئن ٿيو هو. سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته 36 رڪني ڪابينا جا نالا فائنل ٿيا آهن، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا 11، مسلم ليگ (ن) جا 14 ۽ جي يو آءِ ف جا 4 وزير حلف کڻندا. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اتحادين کي 7 وزارتون ڏنيون وينديون، ٻئي طرف بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته هو في الحال وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجندا. ذريعن موجب وزيراعظم آفيس ڪابينا جي حلف برداري لاءِ ايوان صدر سان رابطو ڪري ورتو آهي ۽ جواب جو انتظار آهي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته وفاقي ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، جلد ڪابينا جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته ڪو به معاملو نه اٿاريو ويو آهي، سڀ ڳالهيون آهن، هڪ ئي وقت سڄي ڪابينا جو اعلان ڪرڻ چاهيون ٿا، وفاقي ڪابينا چئن صوبن جي عڪاسي ڪندي، وفاقي ڪابينا جي حوالي سان ڪنهن به پارٽيءَ ڪو ايشو ناهي ٺاهيو، سمورين پارٽين کي نمائندگي ڏني ويندي. اهو.

پهنجو تبصرو موڪليو