35لک ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي،اين سي او سي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پاڪستان ۾ هينئر تائين صرف 35 لک شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. ٻئي طرف ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين جون ٽوٽل 14 کهيپون  پاڪستان پهچي چڪيون آهن.سرڪاري سطح تي سائنوفام، ڪين سائنو، سائنوويڪ ۽ آسٽرازينيڪا جي پهرين کهيپ پاڪستان پهتي. خانگي ڪمپنين طرفان هينئر تائين ڪين سائنو ۽ اسپوئنگ فائيو نالي ويڪسين جون 2 ڪنسالٽمنٽس خوراڪون پاڪستان کي حاصل ٿيون. پاڪستان پهرين فيبروري تي چين کان سائنو فارم ويڪسين جي پهرين کهيپ جي طور تي 5 لک خوراڪون حاصل ڪيون.فيبروري ۾ ئي سائنو فارم ويڪسين جون 2 لک 20 هزار خوراڪون تحفي طور مليون هيون. 17 فيبروري تي پنج لک وڌيڪ ويڪسين جي ٽئين کهيپ چين مان  پاڪستان پهتي. 31 مارچ تي ڪين سئانو بائيو جي پهرين کهيپ پاڪستان آئي. جيڪا گڏيل طور تي چين مان پاڪستان ايندڙ چوٿين کهيپ هئي. 31 مارچ تي ئي ساننو فام ويڪسين جون 4 لک 1 هزار 6 سئو خوراڪون مليون هيون.2 پريل تي ننڍي کهيپ آئي جيڪا سائنوفام ويڪسين جون 4 لک 98 هزار 4 سئو خوراڪن تي ٻڌل هئي. پاڪستان کي ڪورونا کان تقريبن 2 مهينن جي دير کان پوءِ 12 لک چاليهه هزار جي ويجهو  خوراڪون مليون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو