پاڪستان سيريز کٽي ويو، افغانستان کي ڊرامائي شڪست

پاڪستان سيريز کٽي ويو، افغانستان کي ڊرامائي شڪست

ڪراچي(ويب ديسڪ) پاڪستان ڊرامائي انداز م افغانستان کي ٻئي ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. حارث رئوف آخري اوور جو هڪ بال باقي هو ته ٻن بالن تي 7 رنز اسڪور ڪري ميچ کٽائي ڇڏي. ان کان اڳ پاڪستان پاران فخر الزمان ۽ امام الحق اننگ شروع ڪئي. فخر الزمان 5 چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 30 رنز ٺاهي فضل الحق فاروقي جو پهريون شڪار بڻيو ۽ 52 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد بابر اعظم ۽ امام الحق اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 170 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان جي ٻئي وڪيٽ ڪري جڏهن بابر اعظم فاروقي جو ٻيو شڪار بڻيو، هن 6 چوڪن جي مدد سان 66 بالن تي 53 رنز ڏنيون، سلو بال تي ڪپتان حشمت الله هٿان ڪيچ ٿيو. ان بعد محمد رضوان آيو. هو 7 بالن تي 2 رنز ٺاهي 176 جي مجموعي اسڪور تي رن آئوٽ ٿيو. ان بعد سلمان آغا امام الحق جو ساٿ ڏيڻ آيو. هو ٻن چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 14 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. اسامو مير بنا رن ٺاهي ڪيچ ٿيو ۽ امام الحق به سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ 91 رنز ٺاهي 211 جي مجموعي اسڪور تي افغانستان جو ڇهون شڪار بڻيو. هن 4 چوڪن جي مدد سان 105 بالن تي 91 رنز ٺاهيون، مجيب جي بال تي رياض حسن جهٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد شاداب ۽ افتخار اسڪور اڳتي وڌايو پر رن ريٽ به وڌندو رهيو. افتخار 24 بالن تي 17 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، شاهين آفريدي به ٻوٽو نه ٻاريو 272 تي پاڪستان جون 8 وڪيٽون ڪري پيون، شاداب ۽ نسيم شاهه ڪيريز تي هئا آخري ٻن اوورن ۾ 27 رنز گهربل هيون. 49هين اوور ۾ رحمان کي شاداب ڪٽيو ۽ 16 رنز ٺاهيون. آخري اوور جو پهريون بال فاروقي ٿرو ئي نه ڪيو ته شاداب رن لاءِ نڪري ويو ته فاروقي کيس رن آئوٽ ڪري ڇڏيو. کيس پهرين بال تي نسيم شاهه چوڪو هنيو، حارث رئوف 3 رنز ٺاهيون ۽ آخري 2 بالن تي کٽڻ لاءِ 3 رنز گهربل هيون. سيڪنڊ لاست بال تي حارث رئوف چوڪو هڻي ميچ کٽائي ورتي ۽ هڪ بال باقي هو ته پاڪستان ميچ کٽي ويو ۽ سيريز ۾ ٻن ميچز تان برتري حاصل ڪئي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئي ميچ اڄ سريلنڪا جي شهر همبنٽوٽا ۾ کيڏي وئي. ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ٽيم 50 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنز ٺاهيون ۽ پاڪستان کي ميچ کٽن لاءِ 301 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. ان کان اڳ افغان اوپنرز ٽيم کي 227 رنسن جي شاندار شروعات ڏني ۽ افغان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون ٺاهيون.


افغان اوپنر رحمان الله گرباز 151 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ شاهين آفريدي جو شڪار بڻجي ويو، رحمان الله گرباز جي اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 14 چوڪا شامل هئا جڏهن ته ٻيو اوپنر ابراهيم زدران 80 رنسون ٺاهي اساما مير جو شڪار ٿيو. انهن کان علاوه محمد نبي 29، راشد خان 2 ۽ شاهد الله هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪپتان حشمت الله شاهدي 15 ۽ عبدالرحمان 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان طرفان نسيم شاهه 9 اوورن ۾ 45 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، اساما مير 10 اوورن ۾ 61 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، حارث رئوف 7 اوورن ۾ 48 ۽ شاداب خان 10 اوورن ۾ 53 رنسون ڏنيون پر کين وڪيٽون نه مليون. ٽاس جي موقعي تي افغانستان جي ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو ته واپسي جي ڪوشش ڪنداسين، 260 رنسن جي ٽارگيٽ کي ذهن ۾ رکندي ميدان ۾ لهنداسين. ڪپتان بابر اعظم چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي، ميچ ۾ بهترين بيٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. پهرين ميچ ۾ پاڪستان حريف ٽيم کي 142 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو