اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 300 انساني حياتيون بچائيندڙ گلگت بلتستان جي نوجوانن وصيت خان، انصار ۽ محمد خان کي ملاقات جي لاءِ اسلام آباد گهرائي ورتو آهي.گلگت بلتستان ۾ مقامي آبادين کي گليشيئر پگهرجڻ جي اطلاع ڏيڻ ۽ سوين حياتيون بچائڻ واري قدم جي بدلي ۾ وصيت خان، انصار ۽ محمد خان کي وزيراعظم شهباز شريف خصوصي انعامن سان نوازيندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته وصيت خان، انصار ۽ محمد خان قوم جا هيرو آهن، محمد خان، انصار ۽ وصيت خان فرض شناسي جي اعليٰ مثال قائم ڪئي آهي. شهباز شريف چيو ته مون سميت پوري قوم کي گلگت بلتستان جي اهڙن هيروز تي فخر آهي.










