3 ايم پي او تحت گرفتار جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

3 ايم پي او تحت گرفتار جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ 3 ايم پي او تحت گرفتار جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پشاور هاءِ ڪورٽ 3 ايم پي او تحت گرفتار جوابدارن جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنرز پاران جاري ڪيل 3 ايم پي او جو ڊڪليئريشن معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 3 ايم پي او تحت گرفتاري خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون.عدالت حڪم ڏنو ته گرفتار ٿيلن کي ڊپٽي ڪمشنرن وٽ امن امان جي ضمانت جمع ڪرائڻي پوندي.درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس صاحبزاده اسدالله ڪئي. 150 کان وڌيڪ درخواستگذارن جون درخواستون منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو