3 خونن ۾ ملوث جوابدار کي 3 ڀيرا ڦاهي جي سزا

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ 18 سالن بعد ٽن خونن جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار کي 3 ڀيرا ڦاسي ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ طارق ڀٽي جي عدالت ۾ مقتول الله ڏنو چاچڙ، حاڪم علي چاچڙ ۽ زينب چاچڙ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن ۾ سرڪاري وڪيل غلام نبي سمائر جوابدار ۽ فريادي جا وڪيل عدالت ۾ پيش ۾ ٿيا ۽ ڪارروائي ۾ جوابدار ميوو چاچڙ مٿان هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ٽي ڀيرا ڦاهي ۽ پندرنهن لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد جوابدار ميوو چاچڙ کي سخت پوليس پهري هيٺ سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. واضح رهي ته مٿي ڄاڻايل جوابدار سال 2001 ۾ اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ٻن مردن  حاڪم علي چاچڙ، الله ڏنو چاچڙ ۽ هڪ عورت زينب خاتون کي قتل ڪيو هو جيڪو اڄ ثابت ٿيڻ تي کيس ماڊل ڪرمنل ڪورٽ سزا ٻڌائي سينٽرل جيل سکر حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو