اسلام آباد)بيورو رپورٽ) قانون ۽ انصاف واري وزير مملڪت بئريسٽر عقيل چيو آهي ته آئين ڪو آسماني ڪتاب ناهي جيڪو تبديل نه ٿي سگهي. ڳالهائيندي بئريسٽر عقيل چيو ته اهو غلط آهي ته ڪنهن جي رٽائرمينٽ جي ڪري 26 هين آئيني ترميم منظور ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي وئي، جڏهن ته 27 هين ترميم منظور ڪرڻ ۾ به ڪا تڪڙ ناهي، سڀني معاملن تي بحث ڪيو ويندو.هن چيو ته 27 هين ترميم ۾ قومي مفاد جا مسئلا آهن، هي ڪم ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي، اهو ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ نفعي يا نقصان جو معاملو ناهي، نه ئي آئين ڪو آسماني ڪتاب آهي جنهن کي تبديل نه ڪري سگهجي.بئريسٽر عقيل چيو ته اپوزيشن ڪجهه به ڏسڻ ۽ بحث ڪرڻ کان سواءِ سياسي بيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اپوزيشن کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ پارليامينٽ جي فلور تي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي، پي پي پي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو موقف ڏٺو ويندو.مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته وفاق صوبن کي اين ايف سي جو 57 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو، وفاق تي پينشن جو بار آهي، وفاق کي دفاعي خرچ، سماجي تحفظ ۽ قرض جي ادائيگي برداشت ڪرڻي پوندي آهي.هن چيو ته وفاق کي خرچ برداشت ڪرڻ گهرجن ۽ صوبن کي جوابده نه بڻائڻ گهرجي، اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي، اهو ڏسڻ گهرجي ته وفاق جو بار ڪيئن گهٽائي سگهجي ٿو، صوبن کي وفاق جي خرچن کي گهٽائڻ لاءِ برابر حصو ڏيڻ گهرجي.










