ليکڪ: زاهد حسين
جارج اورويل پنهنجي ڪتاب 1984ع ۾ لکي ڇڏيو هو: “حڪمرانن توهان کي اهو چيو ته جيڪي توهان پنهنجي اکين سان ڏسو ٿا يا ڪنن سان ٻڌو ٿا، اُن تي يقين نه ڪريو، هيءَ سڀ کان اهم هدايت آهي.”
پاڪستان پنهنجي ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهو ڏٺو آهي ته فوجي آمِرن آئين کي منسوخ يا معطل ڪيو. حقيقت ۾، جنرل ضياءُالحق ته اهو به چيو هو ته آئين هڪ “ڪاغذ جو ٽڪرو” آهي، جنهن کي هو جڏهن چاهي، ڦاڙي سگهي ٿو.
مرحوم آمر جو اهو بيان اقتدار جي غرور ۽ تڪبر جي علامت هو، ۽ اهو 1973ع ۾ چونڊيل پارليامينٽ پاران متفقه طور منظور ڪيل آئين جي تذليل به هئي. 1988ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ کان پوءِ آئين کي ڪجهه ترميمن سان بحال ڪيو ويو.
پوءِ جنرل پرويز مشرف آئين کي هڪ نه پر ٻه ڀيرا معطل ڪيو ، پهريون ڀيرو 1999ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو 2007ع ۾ هن آئين معطل ڪيو. ٻئي ڀيري سندس اهو عمل قانوني تحفظ حاصل نه ڪري سگهيو، پر هو ڪجهه مهينا اقتدار ۾ رهيو، ۽ پوءِ آئين ٻيهر بحال ٿيو.
اصل ڳالهه اها آهي ته انهن فوجي حڪمرانن به آئين سان ايترو وڏو ظلم نه ڪيو، جيترو هاڻي هڪ اهڙي پارليامينٽ ڪيو آهي، جنهن جي مينڊيٽ تي عوام اڳ ئي سوال اٿاري رهيو آهي.
جتي 26هين ترميم حڪومت جي شاخن ۾ طاقت جي توازن کي سخت متزلزل ڪيو، اتي 27هين ترميم ته آئين کي “عملي طور قتل” ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي ان جي “آخري رسمن” کي “بِگ برادر” جي نگرانيءَ ۾ تڪڙ سان ادا ڪيو پيو وڃي ۽ اهو شايد اسان جي آئيني تاريخ جو سڀ کان ڪارو لمحو آهي.
ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ ڪو ڪٺ پُتليءَ جو تماشو هلي رهيو هجي. هڪ کان پوءِ ٻيو قانون ساز ترميم جي حق ۾ بيهي تقرير ڪندو پئي ويو، جيتوڻيڪ شايد انهن کان هن معاملي تي راءِ به نه پڇي وئي هئي. ووٽ وجهڻ وقت، انهن بنا پڙهڻ جي صرف “ها” جو نعرو هنيو، جيڪو کين اجلاس ۾ سيکاريو ويو هو.
انهن صرف اهو ئي ڪيو جيڪو انهن جي سياسي جماعت حڪم ڏنو. انهن ۾ ڪجهه اهڙا سڃاتل چهرا به هئا، جن ماضيءَ ۾ به ضياءُالحق ۽ پرويز مشرف جي فوجي حڪومتن دوران آئين ۾ تبديليءَ لاءِ ووٽ ڏنو هو.
سينٽ ۾ ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ اپوزيشن جي ڪجهه منحرف ميمبرن جا ووٽ حاصل ڪيا ويا ۽ سڀ ڄاڻن ٿا ته اهو ڪيئن ممڪن بڻايو ويو.
اپوزيشن جي هڪ جماعت پنهنجي ڪيترن ئي ميمبرن جي نااهلي سبب ٽُٽي چُڪي آهي، ۽ ٻين ميمبرن کي به دهشتگرديءَ جي عدالتن مان شڪ شبهي وارن مقدمن ۾ سزائون ڏنيون ويون.
انهن وٽ صرف ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو ئي رستو بچيو آهي. ايئن، ايوان ۾ حقيقي اپوزيشن جي غيرموجودگي ۾ به هي سڀ ڪجهه جاري رهيو.
هاڻي 26هين ترميم کان پوءِ عدالتن کي جيڪا ٿوري آزادي ملي هئي، اها به ختم ٿي ويندي. حڪومت تي سول ڪنٽرول به تقريباً ختم ٿي ويو آهي.
هي نئين ترميم قانوني طور تي ملڪ کي “فوجي ڪنٽرول واري رياست” (Praetorian State) بڻجڻ جو تحفظ فراهم ڪري ٿي.
آرمي چيف کي غيرمعمولي اختيار ڏنا ويا آهن. هن کي هن سال مئي ۾ ڀارت سان 4 ڏينهن واري سرحدي تڪرار دوران فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، ۽ هاڻي کيس مڪمل استثنا ۽ سزا کان آزادي ملي وئي آهي. سندس مدتِ ملازمت ۾ وڌيڪ 5 سال جي واڌ جو امڪان پڻ رکيو ويو آهي.
هي “تاحيات استثنا” صرف فوجي اعليٰ آفيسرن لاءِ نه پر صدرِ مملڪت لاءِ به آهي. اهو مثال ڪنهن به حقيقي جمهوري ملڪ ۾ نه ملندي، جتي حڪمران ۽ سرڪاري عملدار پنهنجن عملن جا جوابده نه هجن. هي نه صرف جمهوري اصولن جي تذليل آهي، پر قانون جي حڪمرانيءَ جي به خلاف ورزي آهي.
جمهوري ملڪن ۾ چونڊيل اڳواڻن کي ڪڏهن به اهڙي استثنا حاصل ناهي هوندي پر پاڪستان ۾ 27هين ترميم کان پوءِ کين غيرقانوني قدمن کان مڪمل تحفظ حاصل ٿي ويندو.
قومي اسيمبليءَ ۾ ترميم تي بحث دوران عجيب منظر هو. وزير ۽ حڪومتي ميمبر پنهنجي تقريرن جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽو کي 1973ع جو آئين ڏيڻ تي ساراهڻ سان ڪيو، ۽ پوءِ هنن ساڳئي تقرير ۾ اهو به چيو ته هي ترميم ملڪ ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.
پر آئين جي روح کي ماري ڇڏڻ کان پوءِ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جي ڳالهھ ڪرڻ منافقت کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڇا ڪنهن کي انهن “ڪٺ پُتليءَ وارن چهرن” کان ٻي اميد ٿي سگهي ٿي؟
اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيو، جڏهن انهن جي موجودگيءَ جو دارومدار ٻين طاقتور حلقن تي آهي.
ترميم پيش ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، هڪ صحافي (مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ)کان ان بابت پڇيو، جنهن ماضيءَ ۾ اهم وزارتون سنڀاليون هيون، پر کيس ترميم جي شقن جو ڪنهن به تفصيل جو علم نه هو.
۽ هو اڪيلو نه هو ڪيترن وفاقي وزيرن به خانگي طور تسليم ڪيو ته کين صلاح مشوري ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو. اهو رازداريءَ وارو طرزِعمل پاڻ ۾ سڀ ڪجهھ بيان ڪري ٿو.
جنهن طريقي سان هي ترميم پارليامينٽ ذريعي زبردستي پاس ڪرائي وئي آهي، اهو ئي ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي “نام نهاد جمهوريت” جي اصل حالت ڪهڙي آهي؟ اهڙي جمهوريت جيڪا انتخابي ڌانڌلي ۽ هيرا ڦيري ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي.
هن سموري صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ مايوس ڪندڙ ڪردار پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي. پارٽي، جيتوڻيڪ حڪومتي اتحاد جو حصو آهي، پر حڪومت ۾ ڪو عهدو نه وٺندي به آئين جي تباهيءَ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.
پيپلز پارٽي جيڪا آئين ٺاهڻ تي فخر ڪندي رهي آهي، هاڻي ساڳي آئين جي خاتمي ۾ شريڪ بڻجي وئي آهي.
پارٽي جي اڳواڻن جڏهن پنهنجي تقريرن ۾ جمهوريت لاءِ قربانيون ياد ڪيون، تڏهن اهي ڳالهيون بي معنيٰ ۽ غيرحقيقي لڳيون. ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته پيپلز پارٽي ماضي ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، پر ان جي موجوده قيادت پنهنجي ورثي سان غداري ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جڏهن 27هين ترميم ۽ الڳ آئيني عدالت جي قيام جو دفاع ڪيو ۽ چيو ته اهو ميثاقِ جمهوريت جو حصو آهي (جنهن تي 2006ع ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ صحيحون ڪيون هيون.) ته سندس دليل بي وزن ۽ بي معنيٰ هو.
ميثاقِ جمهوريت جو مقصد سول حڪومت کي مضبوط ڪرڻ ۽ آئين جو تحفظ ڪرڻ هو پر 27هين ترميم ان جي مڪمل ابتڙ آهي۽ ملڪ کي ٻيهر آمريت ڏانهن ڌڪي رهي آهي.
هاڻي وڏو سوال اهو آهي: ڇا سپريم ڪورٽ آئين ۽ عدليه جي بچيل آزادي لاءِ ڪجهه ڪندي؟ بدقسمتيءَ سان، نئين ترميم رياست جي اتحاد کي به ڪمزور ڪري ڇڏيندي. (نوٽ هي مضمون ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










