27 هين آئيني ترميم, 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ برابر آهي

27 هين آئيني ترميم, 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ برابر آهي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)حڪومت 27 آئيني ترميم جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 7 نومبر تي اهو بل ايوان بالا سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي 6 نومبر تي ڪراچي ۾ پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس گهرايو آهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته آئين ۾ تجويز ڪيل تبديليون، جيڪڏهن منظور ٿي ويون، ته اهي 18هين آئيني ترميم جي واپسي جي برابر هونديون. گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو ٻڌايو هو ته حڪومت 27 هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ کانئن حمايت گهري آهي. تجويز ڪيل ترميمن جا اهم پهلو قانوندانن ۽ سياستدانن پاران سخت تنقيد هيٺ آيا، جن انهن کي صوبائي حقن جي واپسي جي ڪوشش قرار ڏنو، جيڪي 18هين ترميم ذريعي صوبن کي مليا هئا. رضا رباني پنهنجي بيان ۾ چيو: “وفاقي حڪومت پاران تجويز ڪيل آئيني ترميم، صوبائي خودمختياري جي حوالي سان، 18هين ترميم کي واپس وٺڻ جي ڪوشش آهن.” ياد رهي ته 18هين ترميم 2010ع ۾ پاس ٿي هئي، جنهن سان صوبن کي ڪيترائي وفاقي کاتا ۽ وزارتون منتقل ڪيون ويون هيون، جن ۾ تعليم ۽ آبادي جا معاملا به شامل هئا. هن خبردار ڪيو ته “ملڪ جي اڳ ئي نازڪ سياسي حالتن ۾ صوبائي خودمختياري سان کيڏڻ وفاق تي گهرا پاڇا وجهندو.” رضا رباني چيو ته 18هين ترميم انتهائي قومپرستن کي سياسي طور ڪمزور ڪيو هو، ۽ تجويز ڪيل تبديليون “انهن کي ٻيهر غيرآئيني سرگرمين لاءِ حوصلا افزائي ڏينديون.” پيپلز پارٽي جي هن اڳواڻ وڌيڪ چيو ته منتقل ڪيل وزارتن کي واپس وٺڻ سان وفاق تي مالي بوجهه پوندو. “مالي اختيار واپس وٺڻ شراڪتي فيڊرل نظام جي اصولن جي خلاف هوندو،” هن تجويز ڏني ته: “جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي مالي معاملن کي سنڀالي نٿي سگهي، ته پوءِ صوبن کي سڀ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ڏنا وڃن ۽ وفاقي خرچ ڪائونسل آف ڪامَن انٽرسٽس (CCI) ذريعي هلن.” قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بئرسٽر عقيل ملڪ تصديق ڪئي آهي ته ترميم بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ياد رهي ته ڊسمبر 2023ع ۾ به ڪيترائي پيپلز پارٽي جا سينيئر اڳواڻ 18هين ترميم ۾ ڪا به تبديلي آڻڻ جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن سان حڪومتي پارٽي PML-N جو موقف مختلف رهيو هو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان رضا رباني ــ جيڪو 18هين ترميم جي منظوري وقت سينيٽر هو ــ انهن قانوني شقن ۾ تبديلي جي سخت مخالفت ڪندو آيو آهي. 2019ع ۾ هن الزام لڳايو هو ته PTI حڪومت 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، جيڪا صوبائي خودمختياري جي ضمانت ڏئي ٿي. 2015ع ۾ رضا رباني سينيٽ ۾ 21هين ترميم (فوجي عدالتن جي قيام لاءِ) ووٽ ڏيندي ڏک ۾ ڳوڙها ڳاڙي ڇڏيا هئا، ۽ چيو هو ته “مون پنهنجي ضمير جي خلاف ووٽ ڏنو، پر پارٽي فيصلي جو احترام ڪيو.” واضح رهي ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪري فيلڊ مارشل جو عهدو قائم ڪري ان کي آئيني تحفظ ڏيڻ چاهي ٿي. اين ايف سي ۾ صوبن کي ملندڙ وسيلن جو حصو گهٽ ڪرڻ، تعليم ۽ آبادي جي ڀلائي وارا کاتا واپس وفاق حوالي ڪرڻ، مئجسٽريٽس يعني ايس ڊي ايمز وارو نظام بحال ڪرڻ سميت مختلف تجويزون غور هيٺ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو