پي پي متفق آهي، 27 هين آئيني ترميم جلد پيش ڪنداسين، ڊار

پي پي متفق آهي، 27 هين آئيني ترميم جلد پيش ڪنداسين، ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 27 هين آئيني ترميم حڪومت آڻي رهي آهي ۽ ان کي آئين ۽ قانون مطابق پيش ڪيو ويندو.هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم ضابطن موجب لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن ويندي ۽ مان علي ظفر کي يقين ڏياريان ٿو ته 27 هين آئيني ترميم تي باضابطه بحث ٿيندو.هن چيو ته هو حڪومت کي درخواست ڪندو ته هن ڀيري پهرين سينيٽ ۾ ترميم آڻي.سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ترميم تي پيپلز پارٽي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هاڻي اسان ٻين اتحادين سان ڳالهائينداسين، جيڪو به عمل هوندو، اهو شفاف طريقي سان ڪيو ويندو.اسحاق ڊار چيو ته 27 هين آئيني ترميم ڪميٽي ڏانهن موڪلي وڃي ته جيئن ان تي بحث ٿي سگهي. سينيٽ جي قانون ۽ انصاف ڪميٽي کي قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف ڪميٽي جي ميمبرن کي به دعوت ڏيڻ گهرجي. ٻنهي ڪميٽين جا ميمبر هڪ ئي جاءِ تي ويهندا ۽ 27 هين آئيني ترميم تي بحث ڪندا.هن چيو ته مون بلاول ڀٽو جو ٽوئيٽ ڏٺو آهي، هن جيڪي ڳالهيون بيان ڪيون آهن انهن تي بحث ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو