26 نومبر  واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ 3 ڪارڪنن کي سزا

26 نومبر واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ 3 ڪارڪنن کي سزا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽن ڪارڪنن کي چار چار مهينا قيد جي سزا ٻڌائي. اسپيشل پراسيڪيوٽر ظهير شاهه ۽ ملزم جو وڪيل اسرار تنولي عدالت ۾ پيش ٿيا. ٽنهي ڪارڪنن کي اي ٽي سي جج امجد علي شاهه ڏوهه قبول ڪرڻ کان پوءِ سزا ٻڌائي.سزا يافته ماڻهن ۾ محمد اجمل خان، سليم شهزاد ۽ خرم شهزاد شامل آهن. ٽنهي جوابدارن کي 26 نومبر جي احتجاج دوران نصيرآباد پوليس اسٽيشن ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو