ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هائيڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن کي گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي درخواستن کي گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت 26 آئيني ترميم تي عمل عارضي طور تي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي ريمارڪس ڏنا ته اوهان قانون پڙهي ڪري نه آيا آهيو پر پنهنجي دانش ڏئي رهيا آهيو. چيف جسٽس محمد شفيع صديقي، بئريسٽر علي طاهر سان مخاطب ٿيندي چيو ته بهتر هجي ها ته اوهان پنهنجي حڪمت بدران سپريم ڪورٽ جي حڪمت پڙهو ها. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌل کانپوءِ اپيل رد ڪري ڇڏي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سڀني درخواستن جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










