ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مدعي جي ڪوڙي ڊرامي جي پڌرائي کانپوءِ نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ 25 لک رپين جي ڦرلٽ ناڪام بڻائي وئي.ايس ايس پي سينٽرل موجب، مدعي سيٺ ۽ خالو کي پئسا ڏيڻ لاءِ ڦرلٽ جو ڪوڙو ڊرامو رچايو. مدعي سعد حسن رپورٽ ڏني هئي ته چئني جوابدارن 25 لک رپيا نقد ڦري فرار ٿي ويا هئا.مدعي پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي ڪري ڪوڙي واقعي جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جاچ دوران، مدعي ڦرلٽ جي ڪوڙي ڊرامي جو اعتراف ڪيو.










