ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شازيا مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 10 لک کان وڌيڪ ڪٽنبن ۾ 25 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪا آهيون. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيا مري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 1005978 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 25149450000 رپيا شفاف طريقي سان ورهائي چڪو آهي.هن چيو ته ٻوڏ رليف فنڊ تحت بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن کي في ڪٽنب 25 هزار رپيا امداد ڏني پئي وڃي.










