پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پشاور ۾ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ لانگ مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪئي ويندي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 2018ع ۾ ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو هو، 20 ارب ڊالرن جو خسارو هو، جڏهن اسان کي هٽايو ويو ته ملڪ اڳتي وڌي رهيو هو، ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ٽيڪس جي مد ۾ ايتري رقم گڏ نه ڪئي وئي. اسان پيٽرول تي به سبسڊي ڏني هئي، هاڻي رپيو گهٽجي ويو آهي، ان سان بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن تي اثر پوندو، ٻاهران درآمد ٿيندڙ شين تي به اثر پوندو، چيو ويو ته تجربيڪار ماڻهو آهن پر انهن وٽ ڪا پلاننگ ناهي،هنن ۾ ڪجهه ڪرڻ جي جرئت ناهي نه وري روڊ ميپ ۽ نه ئي ڪو پلان، هنن جو تجربو صرف ڪرپشن ڪرڻ ۽ ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ ۾ آهي.










